اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن هائوسنگ جي منصوبن ۾ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ، غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن جا تفصيل لاڳاپيل ويب س??ئي?? تي جاري ڪرڻ ۽ عوام ??ي انهن غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمن ۾ خريد ۽ وڪري جي حوالي سان خبردار ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ تيزي آڻڻ سان گڏوگ?? لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس کي نيپرا پاران ڪنزيومر سروس مينوئل جي سمورين ڌرين جي مشاورت کانپوءِ ??نظ??ري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته تعميرات ۾ سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪنزيومر مينوئل ۾ گرڊ ايريا، لوڊ اسيسمنٽ ۽ لوڊ ڪيٽيگري ۾ بهتر ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت ترميمون ڪيون ويون آهن.