اسلام آباد – 02 اپريل (ا?? پي پي) سينيٽ چيئرمي?? محمد صادق سنجراڻي سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين سعودي سفير کي پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ خوش آمديد چيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي تعاون، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ رابطاڪاري کي وڌي?? فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.