اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن س??نٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي جي ڪ??ي جمعي کان نئين بندشن جو آغاز ڪنداسين جڏهن ته ڪجهه وڏا شهر بند ڪرڻا پئجي سگهن ٿا. نيشنل ڪمانڊ ا??نڊ آپريشن س??نٽر (اين س?? او سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ اسد عمر چيو ته اين س?? او سي ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو. صورتحال بهترين نه نظر اچي رهي آهي، گذريل سال قوم ايس او پيز تي عمل ڪيو، هن ڀيري عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ حفاظتي تدبيرون ڏسڻ ۾ نه اچي رهيون ??هن.