اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ترڪي ۾ منعقد انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي ا??تصادي سهڪار تنظيم (اي سي ا??) جي سيڪريٽري جنرل هادي سليمان پور سان غير رسمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان جي متحرڪ ڪردار، اي سي ا?? مي??بر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جو باني مي??بر هجڻ جي حيثيت سان علائقائي اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جي فريم ورڪ جي روشني ۾ مي??بر ملڪن سان گڏيل واپار، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي ا??ن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻيون ڪوششون ??تب آڻي رهيو آهي.