اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) ??اڻ?? واري وفاقي وزير شوڪت ترين واضح اعلان ڪيو آهي ته جيڪو امير ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندو اهو جيل ويندو، 2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ارب رپين تائين کڻي وينداسين، وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف آڏو ڄمي ويو آهي، هو غريب?? تي بار نه وجهندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندو جڏهن ته قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ??اڻ?? واري وزارت تي ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي 15 ??اڻ?? جي مطالبن جي منظلري ڏئ?? ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ??اڻ?? واري وزارت جي ??اڻ?? جي مطالب?? تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿ?? تي بحث سهيڙيندي ??اڻ?? واري وزير شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ بجيٽ سازي جو جيڪو سسٽم هلي رهيو آهي اهو ٽي سال پراڻو نه آهي پر 74 سالن کان اهو ئي نظام آهي، مخالف ڌر پنهنجي 30 سالن ۾ ان نظام کي به ڏسي وٺي، اها ٽيڪسيشن جو نظام به ڏسي وٺي، اسان به ان نظام بابت چئون ٿا ته اهو ٺيڪ نه آهي جڏهن ته اسان ان کي ٺيڪ ??ري رهيا آهيون. اسان سڌارن جي ڳالهه ڪئي، عوام کي ڇت ڏيڻ، شهري علائقن جي رهواسين کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ آبادگارن جي لاءِ زرعي قرض?? تي ڪم ??ري رهيا آهيون. هن چيو ته هتي چيو ويو ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، ڇا انهن جي دور ۾ اهي ماڻهو آءِ ايم ايف وٽ نه ويا. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت 156 ارب ڊالر جو واپاري خسارو هو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام جي ??ري اڳوڻي ??اڻ?? واري وزير مفتاح اسماعيل 60 ارب ڊالر جو ٽيڪو هنيو. پيپلزپارٽي جي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 25 ارب ڊالر هو جيڪو 17 – 2016ع ۾ واپس 21 ارب ڊالر تي اچي و??و. ??پئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر رهيو ان جي ??ري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته ملڪ کي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وٺي وئي. واڌويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ??ري ٽيڪسيشن وڌائڻ آسان ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ??ري واڌويجهه جي شرح هيٺ ٿي، ڀارت سوا 11 سيڪڙو منفي تي ويو جڏهن ته مشڪلاتن جي باوجود هن ڀيري پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 4 سيڪڙو رهي جيڪا ايندڙ سال 5 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين. ٽيڪسيشن 4700 ارب رپين جو هدف هن سال پورو ڪنداسين ۽ ايندڙ سال 58 سئو ارب رپي?? تي کڻي وينداسين.