اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽ??ڪس محتسب ۽ ايف بي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آ??ي ڪاروبار ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽ??ڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان روينيو گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽ??ڪس گڏ ڪرڻ ضروري آهي تنهن هوندي به ان لاءِ ٽ??ڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف بڻائڻو پوندو، رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي نظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ٽ??ڪس محتسب پاران منعقد عوامي آ??اهي سيمينار کي خ??ص مهمان جي طور تي پنهنجي اهم خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد، وفاقي ٽ??ڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا، مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ ٽ??ڪس بار ايسوسئيشنز جا عهديدار ۽ نمائنده به موجود هئا. صدر چيو ته انساني تاريخ ۾ حڪمرانن جي احتساب جي روايت مديني جي رياست کان شروع ٿي جيڪا خلفاءِ راشدين جي دور ۾ عروج تي پهتي، احتساب ۽ جوابدهي جي ان نظام جي پيروي بعد ۾ ايندڙ مسلمان حڪمرانن به ڪئي. صدر چيو ته رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي نظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آهي. بدعنواني جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ ??ام?? هجڻ گهرجي ڇو ته بدعنواني سان معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور ۽ غريب طبقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، صدر چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي پي ۽ آبادي جي تناسب سان ٽ??ڪس ڏيندڙن جي شرح دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي ان جا جتي ٻيا سبب آهن اتي ٽ??ڪس جي نظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگيون ۽ خاميون به اهم سبب آهن، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته موجوده حڪومت جي هداين ۽ رهنمائي ۾ ايف بي آر انهن خامين ۽ پيچيدگين جي خاتمي لاءِ قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪنالاجي جي درست ۽ بهتر استعمال سان ٽ??ڪس جي نظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگين ۽ خاتمين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، چين ۾ هن وقت ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان قرض لاءِ درخواستون ڏيندڙن کي پنج منٽن جي اندر لاڳاپيل ادارن کان فيڊ بيڪ ملي رهيو آهي. صدر چيو ته وفاقي ٽ??ڪس محتسب ۽ ايف بي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آ??ي ڪاروبار ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽ??ڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان ٽ??ڪس گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽ??ڪس گڏ ڪرڻ ضروري آهي، تنهن هوندي به ان لاءِ ضروري آهي ته ٽ??ڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف هجي ۽ هڪ اهڙو ??ظام هجي جتي ماڻهن کي ڪنهن قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. صدر چيو ته محتسب بابت ادارا پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سان ادا ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به انهن ادارن جي ڪردار ۽ ان طريقيڪار جي باري ۾ عوام کي وڌيڪ خبر ناهي هوندي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان ڏس ۾ عوامي آ??اهي کي فروغ ڏنو وڃي. اهي ادارا عدالتن جي متبادل ناهن پر ان جو دائره اختيار صرف حڪومت جي مختلف ادارن جي عملدارن پاران اختيارن جي استعمال بابت معاملن ۽ شڪايتن جو جائزو وٺڻ آهي. صدر چيو ته انهن ادارن جي باري ۾ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پکيڙڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن ادارن جي عوامي شڪايتن تي ڪيل اهم فيصلن کي ماڻهن جي سامهون آندو وڃي. صدر سيمينار جي انعقاد تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ان طرح جا سيمينار ٻين شهرن ۾ به ٿيڻ گهرجن.