اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر ڀارت پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، جديد ٽ??ڪن??لاجي جي استعمال سان ڏوهن ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ضابطو آڻي س??هج?? ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليس شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته پوليس جي شهيدن جي تقريب ۾ شرڪت فخر جوڳي آهي، پوليس جي تمام گهڻين قرب??ني?? ۽ انهن جي مسئلن جو ادراڪ آهي. فوج ۽ پوليس جي قرب??ني?? سان ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪيو، پاڪستان جي فوج ۽ پوليس پاڪستان کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجو رت پيش ڪيو. هن چي?? ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ اسان کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته ڀارت پاڪستان جو امن برباد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ لاهور واقعي ۾ به ڀارت ملوث هو. ڀارت پاڪستان جو امن تباهه ڪرڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي. هن چي?? ته آئون شهيدن جي خاندانن سان ٽيليفون تي رابطو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندو آهيان. مون کي فخر آهي ته شهيدن جا خاندان پنهنجي سپوتن جي شهادت تي فخر ڪن ٿا. دنيا جي ڪا قوم پنهنجي شهيدن ۽ ملڪ جي لاءِ ايتري محبت نه ٿي رکي. پاڪستان جي فوج ۽ پوليس دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قرب??ني??ن ڏنيون. دنيا جا سپر پاورز به دهشتگردي تي ضابطو آڻي نه سگهيا پر پاڪستان اڪيلي ان چئلينج تي ضابطو آندو. هن يچ?? ته پوليس ڏوهاري ماڻهن جي خلاف هر اول دستو آهن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪي?? ته انهن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته ٽ??ڪن??لاجي جي استعمال سان ڏوهن ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ضابطو آڻي س??هج?? ٿو. ڊرون ڪئميرا ۽ ٽيليفون ڊيٽا جي تجزيي سان ڏوهن جي جاچ ۾ مدد حاصل ڪري س??هج?? ٿي. هن چي?? ته اسلام آباد پوليس جي زخمي اهلڪارن کي بهترين علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر پوليس جي شهيدن جي پونئيرن کي مالي امداد ۽ ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ تي پوليس کي ساراهيو. هن چي?? ته شهيد قوم کي نئين زندگي ڏين ٿا ۽ شهيدن جي ٻارن جي تعليم جي ذميواري رياست کي کڻڻ گه??جي. صدر چي?? ته پاڪستان صهيح فيصلن جي ڪري ڪورونا تي ضابطو آندو ۽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ حالتون بهتر رهيون. عالم سڳورن، ميڊيا ۽ قوم جي تعاون سان حالتون ڪنٽرول ۾ رهيون. ڪرپشن قوم کي اڏوهي وانگر کائي وڃي ٿي ۽ پاڪستان ايماندار قيادت جي ڪري ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته قوم گڏجي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، وزيراعظم عمران خان دانشمنداڻا فيصلا ڪيا، قوم ذميواري جي احساس جو مظاهرو ڪيو، عالم سڳورن ۽ ميڊيا پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گه??و وزير شيخ رشيد احمد ۽ انسپيڪٽر جنرل آف اسلام آباد پوليس قاضي جميل الرحمان پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، گه??و سيڪريٽري، پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ پوليس شهيدن جي وارثن ۽ گه??ڀاتين شرڪت ڪئي.