اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪا?? ۽ ??عمير ۽ ترقي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا رکندڙ رهيو آهي، پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. مل??قات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خطي ۾ امن ۽ استحڪا?? ۽ ??رقي ۽ تعمير لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا ڏيندڙ رهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آمريڪا، پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي، آمريڪي ڪمپنيون، 200 ملين آبادي تي ??شت??ل پاڪستان جي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگه?? ٿيون، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي دوري تي آيل ايوان نمائندگان ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ۽ ڪانگريس ۾ ايمي بيرا سا?? ٿيندڙ مل??قات انتهائي لاڀائتي رهي. پاڪستاني ڄائي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود ڪابل مان آمريڪي شهرين جي محفوظ نموني نڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور م??د تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.