اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي ڪم??ني?? کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني نوجو??نن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ڪم??ني??ن پاڪستاني نوجو??نن جي تربيت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي منتقلي به ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني (وي آن) جي گروپ چيف اي??زي??يٽو آفيسر ڪان ترزيوگلو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا نوجوان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام ڪي مشهور عالمي ڪم??ني?? مان وڏو فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستاني نوجو??نن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن ۽ اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ عالمي ڪم??ني?? کي خوش آمديد چئون ٿا. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نوجو??نن جي تربيت تي زور ڏنو. وي آن جي سي اي او بگ ڊيٽا سلوشنز جي حوالي سان پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم به ملاقات ۾ موجود هئا.