اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اربع تي صحافين جي تحفظ ۽ آزاداڻي صحافت جو فروغ رکندڙ جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروف??شن??ز پروٽيڪشن ايڪٽ 2021ع تي صحيح ڪري ڇڏي، ايڪٽ تي صحيح جي تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين، انساني حقن واري و??اق?? وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي 8 نومبر2021ع ۽ سينيٽ 19 نومبر 2021ع تي صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز جي تحفظ ( ايڪٽ) بل 2021ع جي منظوري ڏني هئي. ان ايڪٽ تحت صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز کي حق رازداري حاصل ٿي ويو آهي، کين پيشيوراڻي ذميدارين جي آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي انجام ڏيڻ ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو حق حاصل ٿيو آهي، کين نجي زندگي، گهر ۽ ذاتي خط ۽ ڪتابت (اليڪٽرانڪ ڳالهه ٻولهه سميت) جي پرائيويسي، پنهنجي خبر جي ذريعن کي ڳجهو رکڻ جو حق ۽ ڪنهن به فرد يا اداري پاران ڏاڍ، تشدد، خوف ۽ هراس، داٻن، ڌمڪي ۽ جبري گمشدگي جي خلاف تحفظ حاصل ٿي ويو آهي. کين خبر جو ذريعو ٻڌائڻ لاءِ مجبور نه ڪري سگهبو، ان بل تحت دهشتگردي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي جي قانونن جي ميڊيا پروف??شن??ز جي پيشيوراڻي سرگرمين کي روڪڻ جي خلاف ناحق استعمال جي روڪٿام ڪئي ويندي. ميڊيا مالڪ صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز کي مقرر ڪيل معيارن تحت لائيف اينڊ هيلٿ انشورنس فراهم ڪندا. ميڊيا مالڪ صحافين کي وقت سر پگهار ڏيڻ جا پابند هوندا. بل موجب صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز جي تحفظ، شڪايتن جي آزاداڻي جاچ ۽ فوري ازالي لاءِ آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو، ڪميشن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل، پي ايف يو جي، ن??شن?? پريس ڪلب، پي آر اي، انساني حقن واري وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا نمائندا شامل هوندا. و??اق?? حڪومت ڪميشن جي چيئرپرسن جو ٻن سالن لاءِ مقرر ڪندي، ڪميشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي عورت ميمبر شامل هونديون. بل تحت آئين جي آرٽيڪل 9 موجب صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز جي زندگي ۽ سيڪيورٽي جي حق کي يقيني بڻايو ويندو، ڪو به ماڻهو، ادارو اهڙو قدم نه کڻي سگهندو جنهن سان ڪنهن صحافي ۽ ميڊيا پروف??شن??ز جي زندگي جي حق ۽ حفاظت جي خلاف ورزي ٿئي. حڪومت صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز جي جبري يا رضاڪاراڻي گمشدگي، اغ??ا يا کڻي وڃڻ جي خلاف تحفظ ڏيندي، هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو ڪم ڪري سگهندا، ان ڳالهه کي يقيني بنايو ويندو ته انهن جي رازداري واري حق کي ڪو به ماڻهو، آفيسر، ايجنسي يا ادارو پائمال نه ڪري. صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز جو اظهار راءِ جو حق، لاڳو قانونن موجب هوندو، بل تحت قوميت، نسلي، مذهبي منافرت کي هوا ڏيندڙ ۽ امتياز، دهشت يا تشدد کي ڀڙڪائيندڙ مواد تي پابندي هوندي، نسلي، لساني، ثقافتي يا صنفي نفرت پکريندڙ مواد جي تخليق تي به پابندي هوندي، بل تحت صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز لاءِ اها ڳالهه لازمي قرار ڏني وئي ته اهڙي مواد جي ڇپائي نه ڪئي ويندي جنهن جي غلط يا ڪوڙو هجڻ جو ان کي پتو هجي، جيڪو ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو ان جي خلاف ڪيس هلايو ويندو. سرڪاري ملازم يا اداري جي طرفان صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز تي تشدد، نازيبا زبان جي استعمال جي صورت ۾ متاثر ان جي خلاف 14 ڏينهن اندر ڪميشن جي سامهون شڪايت داخل ڪرائي سگهندا. و??اق?? محتسب يا لاڳاپيل ادارو 14 ڏينهن اندر هراسگي جي خلاف جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي قدم کڻندو، صحافي جي شڪايت تي ڪميشن مشاورتي ڪميٽي قائم ڪندي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويندو ته شڪايت کي ٻڌڻ گهرجي يا نه، ڪميشن ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز جي شڪايت تي قانوني ڪارروائي ٿئي، صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز کي ڌمڪي، تشدد، جبر جي حوالي سان ڪنهن کي به قانوني ڪارروائي کان ڇوٽ حاصل نه هوندي، متاثر صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز کي قانوني مدد به فراهم ڪئي ويندي، بل تحت ڪميشن صحافين ۽ ميڊيا پروف??شن??ز جي شڪايت تي حڪومت، ڳجهي اداري يا اٿارٽي کان معلومات حاصل ڪندو، انهن کان رپورٽ، دستاويزن، ڊيٽا ثبوت طلب ڪندو، لاڳاپيل حڪومت، ايجنسي يا ادارو 14 ڏينهن ۾ جاچ ۽ ڪارروائي ڪندو، ڪميشن وٽ تقريبن سول ڪورٽ جهڙا اختيار هوندا، ڏوهه ڪميشن جي حدن کان ٻاهر ٿيو ته معاملي کي ميجسٽريٽ ڏانهن موڪليو ويندو، ڪميشن جي سامهون ٻڌڻي عدالتي ٻڌڻي تصور ٿيندي، سٺي نيت سان کنيل قدمن تي ڪميشن ۽ آفيسرن کي ڇوٽ حاصل هوندي، ميڊيا پروف??شن??ز جي خلاف ڌمڪي آميز، جابراڻي ۽ متشدد ڪاررواين کي فوري ۽ موثر جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کان حاصل نه هوندي.