اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جا ٽي س??شن هوندا، سيڪريٽري ??نرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا، شروعاتي ۽ پڄاڻي وارا س??شن اوپن جڏهن ته ورڪنگ س??شن ان ڪئميرا هوندو، اجلاس ۾ اسان افغان وفد کي به گهرايو آهي. روس ۽ آمريڪا به پنهنجي نمائندن کي موڪلڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت ۾ ٽي وي اينڪرز ۽ نيوز ايڊيٽرز کي افغانستان جي صورتحال ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏئ?? رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس ٿيڻ وڃ?? رهيو آهي، 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان۾ جيڪا تبديلي رونما ٿي ۽ ان کانپوءِ ان تبديلي جي حوالي سان ڪيترائي خدشا سامهو آيا، هن چي?? ته اسان جي پاڙيسري ??ن موقعي م??ن فائدو کڻڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪستان“ جي ميڊيا مهم هلائي، الله جي ڪرم سان ان جو ڪوڙ بي نقاب ٿيو ۽ اسان جي ميڊيا ان ڪوڙ کي بي نقاب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪيو، هن وقت افغانستان ۾ معاشي بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چي?? ته افغانستان جي معاشي ۽ انساني بحران جي ڪري پناهگيرن جي يلغار جو خطرو ٻيهر ڪنڌ کڻ?? رهيو آهي، پاڪستان 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان رابطو ۽ مشاورت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان گڏيل لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ افغانستان جي 6ويجهي پاڙيسري ملڪن جو فورم جوڙيو، ??ن فورم جو پهريون ورچوئل اجلاس پاڪستان جڏهن ته ٻي?? تهران ۾ ٿيو جڏهن ته ٽيون بيجنگ ۾ متوقع آهي، ان کانسواءِ اسان ماسڪو فارميٽ ۾ پنهنجو موقف ۽ ٽرائيڪا پلس جي فورم جي ذريعي به افغانستان جي صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. هن چي?? ته اسان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ مسلمان ملڪن سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ايجنسيز، پي 5، ۽ اهم يورپي ملڪن جي نمائندن کي به دعوت ڏني وئي آهي، اسان ڪنهن هڪ طبقي جي ڳالهه نه ڪري ??هيا آهيون پر لکين افغاني شهرين جي ڳالهه ڪري ??هيا آهيون جيڪي هن وقت شديد معاشي بحران کي منهن ڏئ?? رهيا آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چي?? ته سيڪريٽري ??نرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا جڏهن ته 19 تاريخ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جا ٽي س??شن ٿيندا، شروعاتي ۽ پڄاڻي وارو س??شن اوپن جڏهن ته ورڪنگ س??شن ان ڪئميرا هوندو.