فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته احساس ڪفالت پروگ??ام جي لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ويا آهن ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پي?? وڃن، هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر اسپورٽس ڪامپليڪس ڊجڪوٽ روڊ فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي ڪيو جتي ڊويزنل ڊائريڪٽر احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر ڊاڪٽر فياض احمد کيس بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير سينٽر تي لاڳاپيل ماڻهن لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته احساس ڪفالت پروگ??ام ۾ هزارين جي تعداد ۾ ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي رهي آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو هن وقت تائين رجسٽريشن ناهن ڪرائي سگهيا اهي پنهنجي ويجهي نادرا سينٽر تي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ڄاڻايل پروگ??ام لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ويا آهن ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پي?? وڃن. هن چيو ته شهري 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر موڪلي احساس راشن پروگ??ام تحت رجسٽريشن ڪرائين ڇاڪاڻ جو جيڪي ماڻهو احساس ڪفالت لاءِ اهل آهن اهي ئي احساس راشن پروگ??ام جا به اهل هوندا جنهن جي ذريعي ماڻهن کي 30 سيڪڙو گهٽ اگهن تي اٽو، گيهه، داليون وغيره احساس راشن پروگ??ام لاءِ چونڊيل ڪريانه اسٽورن تي دستياب هونديون، فرخ حبيب چيو ته احساس راش پروگ??ام جي مد ۾ 112 ارب روپيا فراهم ڪيا پي?? وڃن ۽ هڪ سال ۾ 250 ارب روپيا احساس رجسٽريشن سينٽر جي مد ۾ امداد حڪومت فراهم ڪري چڪي آهي. هن چيو ته احساس گريجوئيٽ لاءِ اسڪالرشپ لاءِ حڪومت 50 ارب روپيا ڏئي چڪي آهي، جنهن سان گڏوگڏ نوجوانن جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جاري آهي ته جيئن جن ماڻهن وٽ لاڀائتا خيال آهن هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري پنهنجي پي??ن تي بيهي سگهن، هن چيو ته احساس پروگ??ام تحت 34 پروگ??ام هلي رهيا آهن اهڙي طرح پنجاب ۾ صحت ڪارڊ لانچ ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ 400 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ ڄاڻايل پروگ??ام تحت هر سال 10 لک روپين تائين پنهنجي پسند جي ڊاڪٽر کان پنهنجي پسند جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿيو پر موجوده حڪومت عام ماڻهو جو احساس ڪندي سوشل پروٽيڪشن جا پروگ??ام شروع ڪيا آهن ته جيئن گهٽ امدني وارن ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مديني جي رياست طرف گامزن ۽ عام ماڻهو جي لاءِ احساس رکي ٿو تنهن ڪري غريب ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.