اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪري ترقي ڪري سگهون ٿ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ما?? جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور مذهبي اسڪالر مو??ان?? طارق ج??يل س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي تجويز ڪيل ڪردار بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها اٿارٽي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي قائم ڪيل مديني جي رياست جي بنيادي قدرن ۽ سيرت النبي صه ﷺ جي شاندار تعليمات جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪري ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. مو??ان?? طارق ج??يل مديني جي رياست جي فلاحي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمات نبوي صلي الله عليه وسلم جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي تي زور ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو.