اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته اقتصادي را??طا ڪميٽي ( اي سي سي) چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪ??ڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڌري فواد حسين چيو ??ه اي سي سي چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪ??ڻ جي منظوري ڏني آهي. 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. جنوري کان 6 لک ٽن مقامي ڀاڻ به مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو. عالمي منڊي ۾ تمام ??هڻي قيمت جي باوجود اسان جي آبادگارن کي ڀاڻ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو.