اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته هو عو??م سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن ۽ عو??مي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي ??نت??اميه سان رابطو بهتر بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وفاقي وزير سيد شبلي فراز سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي ضلعي چيئرمين گمبٽ ۽ ڪوهاٽ ساجد اقبال به موجود هو. ملاقات ۾ ضلعي ڪوهاٽ ۾ پارٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چونڊيل عو??مي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عو??م سان پنهنجي رابطا مهم کي تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي ??نت??اميه سان ڪوآرڊينيشن کي به بهتر بڻائين، ان موقعي تي آزاد چونڊيل ضلعي چيئرمين لاچي، ڪوهاٽ محمد احسان ۽ ڪوهاٽ سٽي ميئر جي آزاد اميدوار شفيع الله پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان پارٽي ۾ شموليت تي انهن جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو تڪ جي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪم ڪندا.