اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمر??ن خان پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهي ٿ??، سندس گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، نه ئي ان جي گرفتاري جو چونڊن ۾ دير سان ڪو تعلق آهي. عالمي نشرياتي اداري ”اسڪائي نيوز“ سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان قانون سان تعاون ڪرڻ بدران مسلسل قانون شڪني ڪري رهيو آهي، پوليس رڳو عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ان تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ۽ ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. هن چيو ته پوليس وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو اسلحو نه آهي، پوليس عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جتي پوليس تي بمن سان مسلسل حملا ٿي رهيا آهن. هن وقت تائين ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿ?? چڪا آهن. هن چيو ته عدالت پاران جاري وارنٽ گرفتاري تي پوليس اسلحي کانسواءِ عمر??ن خان کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي، عمر??ن خان کي ذميواري کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن چيو ته عمر??ن خان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمر??ن خان چوي ٿ?? ته کيس سيڪيورٽي خطرا آهن ۽ انهي لمحي چوي ٿ?? ته هو سياسي جلسو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن عدالت کيس ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ جو چوي ٿ?? ته عمر??ن خان سيڪيورٽي خطرن جو بهانو بڻائي ٿ??. هن چيو ته عمر??ن خان پاڪستا?? ۾ ??هرو ويڙهه، سول وار ۽ افراتفري چاهي ٿ??، هو ماڻهن کي تشد?? جي لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي، پوليس جڏهن عمر??ن خان کي گرفتار ڪرڻ اچي ٿ?? ته هو عورتن ۽ ٻارن کي پوليس آڏو بيهاري ڇڏي ٿ??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موجوده خراب معاشي صورتحال جو ذميوار عمر??ن خان آهي، عمر??ن خان ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچايو، عمر??ن خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته عمر??ن خان جا گرفتاري وارنٽ ان جي خلاف ڪرپشن جي ڪيسن ۾ جاري ٿ??ا آهن، عمر??ن خان پنهنجي چار سالن ۾ پنهنجي سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو، هو جڏهن وزيراعظم هو ته پنهنجي سياسي مخالفن جا گرفتاري وارنٽ پاڻ جاري ڪرائيندو هو، هُن پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهيو ٿي، عمر??ن خان وزارت عظميٰ جي عهدي تي ويهي ميڊيا سان پڻ اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو.