اسلام آباد – 09 – جون (اي پ?? پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي ??جيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ??رقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پ??) تحت روينيو ڊويزن جي 12 جاري ۽ 4 نئين م??صوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 3200 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي ??جويز ڏني آهي جنهن ۾ 300 ملين رپين جي پرڏيهي امداد پڻ شامل آهي. پي ايس ڊي پ?? دستاويزن م??جب جاري منصوبن ۾ ريجنل ٽيڪس آفيس ايبٽ آباد ۾ ايڊيشنل آفيس بلاڪ جي ??عمير جي لاءِ 84.65 ملين رپيا، آر ٽي او ساهيوال ۾ اضافي بلاڪ جي ??عمير لاءِ 282 ملين رپيا، ڪسٽمز ڪمپليڪس سوست آفيس جي منصوبن لاءِ 250 ملين رپيا، ماڊل ڪسٽمز ڪلڪٽوريٽ گوادر جي ??عمير لاءِ 124.24 ملين رپيا، انٽيليجنس اينڊ انويسٽي گيشن افيس ڪراچي جي ??عمير جي لاءِ 125 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس اسلام آباد جي ??عمير لاءِ 124.63 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس سرگوڌا جي ??عمير لاءِ 300 ملين رپيا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي معاونت سان اينٽگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ 415.62 ملين رپيا، بلوچستان ۾ مختلف ڪسٽمز چيڪ پوسٽس جي ??عمير جي لاءِ 432.71 ملين رپيا، غلام خان ۾ آفيس ۽ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي منصوبي لاءِ 50 ملين رپيا، پاڪستان ريزيز روينيو پروگرام جي لاءِ 200 ملين رپيا ۽ اماڪ ڊي آءِ خان ۾ ڪسٽمز هائوس چيڪ پوسٽ جي ??عمير جي منصوبي لاءِ 42.12 ملين رپين جي فنڊز رکڻ جي ??جويز ڏني وئي آهي. بجيٽ دستاويزن م??جب روينيو ڊويزن جي 4 نئين م??صوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 680.52 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي ??جويز ڏني وئي آهي، نئين م??صوبن ۾ گوادر ۾ زونل آفيس اينڊ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي منصوبي لاءِ 50 ملين رپيا، طورخم ڪسٽمز اسٽيشن ۾ ٽرانزٽ اڪاموڊيشن جي منصوبي لاءِ 77.22 ملين رپيا، ريجنل ٽيڪس آفيس جي لاءِ زمين جي ??ريداري جي منصوبي لاءِ 140.27 ملين رپيا ۽ گجرات ۾ ريجنل ٽيڪس آفيس جي لاءِ زمين جي ??ريداري جي منصوبي لاءِ 413.032 ملين رپين جا فنڊز رکڻ جي ??جويز ڏني وئي آهي.