اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آچر ڏينهن فيصل آباد ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪ??نل محمد علي جي رهائش گاهه تي ويو ۽ شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت شهيد ليفٽيننٽ ڪ??نل محمد علي جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد لاءِ فاتحه خواني ۽ بلند درجن لاءِ ??عا ڪئي. ليفٽيننٽ ڪ??نل محمد علي گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. صدر مملڪت قوم طرفان شهيد ليفٽيننٽ ڪ??نل محمد علي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيد ليفٽيننٽ ڪ??نل محمد علي ۽ سندس خاندان جي وطن سان محبت ۽ قرباني جي جذ??ي کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ سندن خاندانن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر مملڪت چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندو. صدر مملڪت شهيد جي ڪٽنب سان ه??در??ي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.