اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جي وحشي حڪومت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن، ڪشميري عوام جي انساني حقن جون سنگين خل??ف ورزيون ڀارتي جنتا پارٽي جي ڀارت ۾ رهندڙ پنهنجي اقليتن سان تعصباڻي رويي جو تسلسل آهي جنهن جي والاريل ڪشمير ۾ 113 ڏينهن کان جاري ڊگهي گهيراءُ مان عڪاسي ٿئي ٿي. ايوان صدر پاران جاري ??ڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار سوڊان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير تاغيلدين الهادي الطاهر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.