اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته جهڙي طرح اها ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو اهڙي طرح ڪوويڊ 19 جي خلاف ايس او پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيندڙ سروي رپورٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ اه?? ٻڌايو ويو آهي ته پاڪست??ني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يقين رکندڙ ماڻهو آهن ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ويو. هلندڙ سال مارچ ?? ٿيندڙ سروي موجب 72 سيڪڙو پاڪست??ني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اه?? وائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اه?? قدرتي آهي جڏهن ته رڳو 23 سيڪڙو جو اه?? وهم آهي ته وائرس ڄاڻي واڻي پکيڙيو ويو آهي.