اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ مان واضح آهي ته عزيز بلوچ جا سهولتڪار اقتدار ۾ ويٺل آهن، عزيز بلوچ اعترا?? ڪيو ته ڀتي جي رقم آصف زرداري جي ڀيڻ ڏانهن ويندي هئي، شوگر ملز تي آصف زرداري جي چوڻ تي قبضو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۾ مراد سعيد خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي ڪيترين ئي ڳالهين سان اتفاق ڪريون ٿا، هر ڪنهن جو هتي حق آهي ته هو هتي ڳالهه ڪري، پر اخ??اق کان ڪريل ڳالهه ڪرڻ جو ڪنهن کي حق ن?? آهي.