اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پ??ڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پ??ه??جي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته خنجراب کان اسلام آباد تائين نئين آپٽيڪل ڪيبل آپريشنلائيز ڪئي وئي آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين ڪيبلز وڇائي ويندي، آپٽيڪل ڪيبلز جو ڪم ڊيجيٽل هاءِ و?? پلان تحت ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته چين جي تعاون سان آءِ ٽي انقلاب جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چ??و ته سي پ??ڪ سان پاڪستان ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. سي پ??ڪ جي فيز ون منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.