مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان ??ڪجهتي جي لاء?? آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفر آباد پهتو ۽ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حي??ر، ڪشمير بابت پارلي??ما??ي ڪميٽي جي چيئ??مي?? شهريار آفريدي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ڪشمير معاملن واري وزير علي امين گنڊاپور، پارلي??ما??ي سيڪريٽري ثوبيه ڪمال، آزاد ڪشمير جي وزيرن، قانونساز اسيمبلي ميمبرن، حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي وزيراعظم ڀارتي ظلمن جي خلاف شيهي جي ديوار بڻيل ڪشميرين جي حريت جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ شهيدن جي ياد ۾ ٺاهيل مزاحمتي وال جو افتتاح ڪيو. کيس هتي ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان ??وقعي تي ڪشمير جي شهيدن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي مظفرآباد اچڻ تي هيلي پيڊ تي وزيراعظم راجا فاروق حي??ر ۽ صدر سردار مسعود خان سندس استقبال ڪيو.