اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون چونڊيل وزيراعظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون ??ان استعيفا وٺي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪڏهن اسان مخالف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ آياسين ته نسلون معاف نه ڪنديون، مشن کڻي سياست ۾ آيو آهيان، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، مخالف ڌر وٽ ڪوبه اخلاقي جواز ناهي، مخالف ڌر مال ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، اسان عدليه ۽ نيب تي ڪو به دٻاءُ ناهي وڌو، نيب اسان جي وزيرن کي به گهرايو جنهن تي اعتراض ناهي، نجي ٽي وي چئن?? کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چ??و ته اسان م??ڪل حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو، معيشت ويٺل هئي، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي، تنقيد ڪئي وئي، صحافين م??ڪل وقت ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، وزيراعظم چ??و ته ڪجهه ميڊيا هائوسز جو ڪردار سٺو رهيو ۽ ڪجهه جو سٺو نه رهيو، هن چ??و ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مون ??ان پڇي سياستدانن سان گڏجاڻي ڪئي، هن چ??و ته فوج منهنجي لاءِ اثاثو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي سان قانونسازي ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم چ??و ته ڀارت نواز شريف جي مدد ڪري رهيو آهي