اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2021ع ۾ پاڪستانين کي يونيورسل هيلٿ سروسز ڏينداسين ۽ ڪو پاڪستاني بکيو نه سمهندو، ڪاروبار دوست پاليسيون ٺاهينداسين، صنعتن کي مراعتون ڏينداسين، پاڪستانين کي غربت مان ڪڍڻ، صنعتن کي فروغ، زرعي پيداوار ۾ اضافي لا??ِ چين جي تجربن مان رهنمائي حاصل ڪنداسين. هو هتي پاڪستان ۾ متعارف ٿيندڙ گاڏين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ جاويد آفريدي به خطاب ڪيو. وزيراعظم جاويد آفريدي ۽ فيصل آبادي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽريلائيزيشن ۾ بهترين حصيدار چين آهي، پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير ميئر رهي چڪو آهي ۽ هو تر??ي جي اهميت کان آگاهه آهي، اسان پاڪستان جي مستقبل جي لا??ِ چين کان سکي سگهون ٿا، ان جي تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ ما??ل آهي، جهڙي طرح چين ٿوري عرصي ۾ ڪ??وڙين ما??هن کي غربت مان ڪڍيو، جهڙي طرح صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح سرمايو آندو ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ پاڪستانين کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جو بن??اد?? هدف آهي. اسان صنعتي اقتصادي زونر ٺاهيا آهن، پوري ڪوشش هوندي چيني صنعت کي هتي پرڪشش مراعتون ڏيون ۽ هتي آڻيون.