ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سامونڊي حدن جي دفاع سان گڏوگڏ انساني ڀلائي جي لاءِ سامونڊي وس??لن جي پائيدار استعمال بابت بليو اڪانومي جي ذميواراڻي حڪمت عملي ا??تيار ڪندو. هو نائين انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان جيو اڪنامڪ مرڪز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ قدرتي ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي بهتر معاشي ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ بليو اڪانومي طرف موثر قدم کڻي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته انساني مفاد قابل تجديد توانائي، ماهيگيري، غذائي تحفظ، ٽرانسپورٽ، سياحت ۽ موسمياتي ??بديلين سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ سان واڳيل آهن، ان سلسلي ۾ سامونڊي وس??لن جي پائيدار استعمال بابت عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان سمنڊن بابت غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيندي پائيدار بليو اڪانومي طرف گامزن آهي. صدر عارف علوي چيو ته بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ ضروري آهي ته دنيا سامونڊي وس??لن جي غيرذميواراڻي ا??تعمال جي تدارڪ جي لاءِ سنجيده ڪوشش ڪري. عالمي برادري جي طور تي ا??ان کي قدرتي ماحول کي درپيش خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ان حوالي سان بهتر نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.