اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) جون 2021ع تائين 8 ملين ماڻهن کي احساس ڪفالت پروگرام ??حت 12 هزار رپين جي مالي امداد ڏني ويندي، وفاقي حڪومت ڪوويڊ 19 جي ڪري روزگار متاثر ٿيڻ سبب احساس ڪفالت پروگرام ??حت 4 ملين ماڻهن کي هڪ ڀيرو 12 هزار رپين جي مالي معاونت جو فيصلو ڪيو آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي واپڊا جي پاڻي وسيلن جي منصوبن جي منافعي جي وقت سر ورڇ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع ??حت 12 مختلف نوٽيفڪيشنز جاري ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي ??نهن سان روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي حوالي سان پيپر ورڪ ۾ گهٽتائي ۽ واپار جي فروغ ۾ مدد مل??دي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ اي سي سي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.