اس??ام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ تي ٻاهرئين ملڪ شهري کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي جنهن جو وزيراعظم نوٽيس ورتو، جاچ کانپوءِ وزيراعظم جي حڪم تي اس??ام آباد لينڊ روينيو جي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪوآپريٽو سوسائٽيز اس??ام آباد جي ڊپٽي رجسٽرار کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو ويو. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب ٻاهرئين ملڪ شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي اس??ام آباد سرڪل رجسٽرار آفيس جي خلاف انڪوائ??ي ڪئي وئي ۽ ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽو کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ کانسواءِ چيف ڪمشنر گهرو وزارت مان سرڪل رجسٽرار کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي، ان کانسواءِ انسپيڪٽر ڪوآپريٽو سوسائٽيز کي پڻ عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف لاڳايل هائوسنگ سوسائٽي کي شوڪاز نوٽيس جا??ي ڪري بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويا، س??ڪل رجسٽرار آفيس جي لاڳاپيل ڪلرڪ کي پڻ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پلاٽ منتق??ي بابت وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي، س??ڪل رجسٽرار آفيس شهري جي شڪايت تي ان جي دادرسي ڪئي جنهن تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ جي هدايت تي چيف ڪمشنر شڪاي??ن تي انڪوائ??ي ڪئي، چيف ڪمشنر آفيس لاڳاپيل آفيسرن جي معطلي ۽ برطرفي جا نوٽيفڪيشن جا??ي ڪري ڇڏيا.