اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي پوليو کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو مشن آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جامع ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان کي پوليو فري بڻائي سگهجي ٿو، ڪورونا وبا کي م??هن ڏيڻ جهڙي جذبي سان ئي پوليو کي به شڪست ڏيڻي آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فور?? جي اجلا?? جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير عثمان بوزدار، سيد مراد علي شاهه، محمود خان، محمد خالد خورشيد، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان آرمي جي انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، صوبائي چيف سيڪريٽريز، صحت واري وزارت ۽ عالمي اد??رن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حۡڪومتن جي م??ثر حڪمت عملي جي ڪري هن وقت تائين هن سال پوري م??ڪ ۾ بلوچستان مان صرف هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، ڪورونا وبا جي ڪري پوليو جي روڪٿام واري م??م سستي جو شڪار ٿي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب ، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃان به پوليو وائر?? جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن، اهو ٻڌايو ويو ته پ??چ، سيڪيورٽي۽ والدين جي عدم تعاون جي سببن جي بنياد تي م??م ۾ وڏي تعداد ۾ ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم رهجي ويندا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ جاگرافيائي انفارميشن سسٽم ۽ ٽريڪنگ استعمال ۾ آندو پيو وڃي، بل ۽ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي پوليو نگراني بورڊ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليس حڪومت پاڪستان ۽ وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي واري م??م ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.