اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏينهن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو ويندو. وزيراعظم ??مران خان 5 سال پورا ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس اسلام آباد کي مثالي شه?? بڻائي طاقتورن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل مسئلو هي آهي ته صرف غريب ئي قانون جي پڪڙ ۾ اچ?? ٿو. گذريل ڏينهن ايگل اسڪواڊ جي فليگ مارچ جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شه?? کي مثالي شه?? بڻائي اسلام آباد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ڊيلرن ۽ ريڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آهي ته غريب قانون جي گرفت ۾ اچي وڃ?? ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.