بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بهاولپور جي دوري جي موقعي تي اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف منصوبن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم يونيورسٽي ۾ عالمي معيار جي تدريسي سهولتن سان ليس نرسنگ ڪاليج جو افتتاح ڪيو، نرسنگ ڪاليج نه رڳو خطي ۾ نرسنگ جي حوالي سان موجود افرادي قوت جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ڏکڻ پنجاب جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ قائم ڪيل اسلاميه يونيورسٽي جي ب??داد الجديد ڪئمپس ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح پڻ ڪيو. وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ جي لاءِ 2.5 ميگاواٽ جي سولر منصوبي جو پڻ افتتاح ڪيو. منصوبو نه رڳو يونيورسٽي جي ضرورتن کي پورو ڪ??ڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر ان سان ملندڙ اضافي ب??لي ميپڪو کي فراهم ڪئي ويندي، منصوبي سان حاصل ٿيندڙ بجلي جو يونٽ رڳو 1.7 رپين ۾ ميسر ايندو ۽ 25 سالن جي مدي ۾ اهو منصوبو مجموعي طور تي قومي ناڻي کي 45 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو پهچائيندو، اهو نه رڳو ٻين ادارن جي لاءِ مشعل راهه هوندو پر يونيورسٽي ۾ شاگردن کي عملي تعليم ۽ مشاهدي جو موقعو پڻ فراهم ڪندو. بهاولپور ڊويزن ۾ ڪپهه جي فصل جي اهميت جي ڏس ۾ وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ جو پڻ افتتاح ڪيو. ادارو ڪپهه جي فصل ۾ گهٽ وسيلن سان وڌيڪ پيدا??ار تي تحقيق ذريعي ڪپهه جي پوکيءَ ۾ جدت آڻي رهيو آهي. تحقيق ٿيل قسمن ۾ هيستائين 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي، 50 سيڪڙو گهٽ جيت مار دوائن جي استعمال، 35 سيڪڙو گهٽ مجموعي لاڳت سان پيدا??ار ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي 40 سيڪڙو گهٽ لاڳت سان 30 سيڪڙو پيدا??ار ۾ اضافي تائين آڻڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم انٽر ڪراپنگ ريسرچ سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو جتي شروعاتي طور تي اسٽرپ انٽر ڪراپنگ جي ذريعي سويابين ۽ مڪئي جي پيدا??ار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل ٽيڪنيڪ مڪئي جي پوکيءَ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ سويابين جي پيدا??ار ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سويابين جي پيدا??ار ۾ اضافي سان آبادگارن جي آمدني ۾ اضافي، آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ ک??ڄر?? تيل ۾ پاڪستان ڪافي حد تائين پاڻڀرو ٿي سگهندو.