اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل سان جرمن سفير برن هارڊ شليگ هيڪ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افعانستان سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شهباز گل جرمن سفير کي وزيرا??ظم عمران خان جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان حڪومت جي ترقياتي منصوبن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جي طريقيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊاڪٽر شهباز گل جرمن سفير کي احتساب جي عمل ۽ گڊ گورننس بابت پڻ آگاهه ڪيو. جرمن سفير وزيرا??ظم جي ويزن ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو. جرمن سفير برن هارڊ شليگ هيڪ ملاقات لاءِ آيو. افغانستان جي صورتحال، وزيرا??ظم عمران خان جي ويزن تي جاري ڊ??ول??مينٽ پراجيڪٽس، ووٽنگ مشين، سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جي طريقيڪار ۽ ٻين اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. احتساب ۽ گڊ گورنن?? جا موضوع پڻ بحث هيٺ رهيا.