اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان جي صورتحال، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، معيشت ۽ علا??قا??ي رابطن جي حوالي سان ويجهو تعاون ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو اتفاق پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي ۽ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي آرشرمن جي وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل مح??ود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علا??قا??ي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پا??يدار لاڳاپن جي قيام جو خواهشمند آهي،آمريڪي پرڏيهي نائب وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي نائب وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي. شاهه مح??ود قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پا??ان مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي خت?? ڪرڻ لاءِ پا??يدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. پاڪستان معاشي تعاون، علا??قا??ي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پا??يدار لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علا??قا??ي مقصدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. آمريڪي پرڏيهي نائب وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي زور ڏيندي پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پا??يدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير آمريڪا پا??ان پاڪستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي نائب وزير وينڊي شرمين جو ٿورو ادا ڪيو.