اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ نجي ادارن جي تعاون س??ن سڄي ملڪ ۾ 250 کان وڌيڪ اي روزگار مر??ز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ عملدار موجب انهن مر??زن جو مقصد ننڍن شهرن ۾ محنتي ۽ هنرمند نوجوانن کي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن کين ڊجيٽل موقعن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. اي روزگار مر??ز ملڪ جي هر ??لعي ۾ قائم ڪيا ويندا. انهن مر??رزن جي ورهاست هر ????بي جي آبادي سان گڏوگڏ اگنائيٽ سان رجسٽرڊ 12 لک فري لانسرز جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي. پنجاب 149 مر??زن س??ن اڳيان اڳيان آهي. ان کانپوءِ سنڌ 51، خيبرپختونخوا 28، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 11، بلوچستان ۾ 6، آزاد ڪشمير ۾ 3، گلگت بلتستان ۾ 2 مر??ز قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان پنجاب ۾ شروع ڪيل اي روزگار سينٽر انتها??ي ڪامياب ثابت ٿيا جنهن مان لکين نوجوان لاڀ پرائي رهيا آهن، اهي مر??ز خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ ڊزائين ڪيا ويا آهن جيڪي مهانگين آفيسن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪي کين آءِ ٽي مهارتن مان فائدو کڻڻ ۽ ڊجيٽل افرادي قوت ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. اميد آهي ته انهن قدمن س??ن وڌيڪ نوجوانن کي تيزي سان ترقي ملندي ۽ آءِ ٽي جي شعبي مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻجي سگهندا.