اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي عمل جو فروغ ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن آساني فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بجيٽ ۾ ڪورونا سبب متاثر صنعتي شعبي جي بحالي ?? فروغ، حڪومت طرفان ڏ??ي ويندڙ سبسڊي جي بهترين ۽ موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام تي پوندڙ غير ضروري ح??ومتي خرچن جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ايندڙ بجيٽ ۾ غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ تي به خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، صوبن جي مشاورت سان ترقياتي خرچن جي حوالي سان ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏ??ي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايندڙ مالي سال جي تجويز ڪيل بجيٽ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.