اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ايمرجنسي ڪ??ش پروگ??ام تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس پروگ??ام ۾ جيڪڏهن ڪنهن ذميدار جي خلاف شڪايت مليون ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته سماجي تحفظ جي ان پروگ??ام ۾ شفافيت اسان جي اولين ترجيح آهي، صوابي ضلعي ۾ ادائيگي مرڪز جي دوري ??ي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ڪمزور طبقي کي مٿي کنيو وڃي ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن ان سلسلي ۾ احساس ايمرجنسي ڪ??ش پروگ??ام جاري ڪيو ويو، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته احساس ايمرجنسي ڪ??ش پروگ??ام تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس ايمرجنسي ڪ??ش پروگ??ام کي شفاف انداز ۾ هلايو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن مستحق جو حق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.