اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ اي لرننگ جي حوصلا افزائي ۽ فروغ جي لاءِ جلد فاصلاتي تعليم جي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اي لرننگ سان مع??شري جي ڪمزور طبقن خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن جي شاگرد?? کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هو ورچوئل يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو.