اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ جي 551 هين جنم ڏهاڙي تي سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت سڀني اقليتن جي مذهبي ع??ادتگاهن ۽ جاين جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ياترين لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چي?? ته سک برادري جي ٻن مقدس جاين ننڪانه صاحب ۽ ڪرتاپور پاڪستان ۾ موجود آهن، جهڙي طرح مسلمانن لاءِ مڪي ۽ مديني جي اهميت آ??ي اهڙي طرح سکن جي لاءِ اهي ٻه مذهبي جايون تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون.