اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نئين جمهوري روايتن جو بنياد رکي ??ڏيو آهي، عمران خان بنا ڪ??هن دٻاءُ جي ذاتي طور تي فيصلو ڪيو آهي ته هو 6 مارچ تي ايوا?? مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، مخالف ڌر ته ??ن ڳالهه تي به پريشان آهي ته وزيراعظم ڇو اعتماد جو ووٽ وٺي رهيو آهي، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته ??مهوري قدر ئي هلندا، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ لوٽ مار جي سياست سان ملڪ نٿو هلي سگهي. هو نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان اتحادي پارٽين سان مشاورت ??انپوءِ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، ان جو بنيادي سبب بلوچستان صوبي سان تعلق هجڻ آهي ته ??ئين بلوچستان کي نمائندگي ملي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 6 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي ج??هن ۾ عمران خان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جا سمورا ميمبر موجود هوندا.