اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پ??ران جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي حوالي سان ت??صيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس سعودي عرب جي دوري کانپوءِ اتي رهندڙ پاڪستانين جي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي استعمال ۾ اضا??ي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ت?? چڱي خاصو مثبت اثر پئجي رهيا آهن.