اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين مح??د صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن، واپاري تعاون ۽ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي زور ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان ۽ ايران خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي خوا?? جي تعبير لاءِ ڪوشان آه?? ۽ ٻنهي ملڪن جي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙائي ٻه طرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ مستحڪم بنياد فراهم ڪري ٿي، سينيٽ چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي سفير سيد مح??د علي حسيني سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي تعاون واکاڻ جوڳو آه?? ۽ پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ اسان جي خواهش آه?? ته انهن لاڳاپن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ايران سدائين هڪٻئي سان عالمي فورمن تي تعاون ڪيو آه?? ۽ مختلف مسئلن تي هڪجهڙو موقف اختيار ڪيو آه??، هن دفاعي سطح تي تعاون کي به مثالي قرار ڏنو آه??، ايران جي سفير سينيٽ چيئرمين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??، ملاقات ۾ مڪران ڊويزن ۽ خاص طور تي گوادر کي ايران پاران بجلي جي فراهمي منقطع ٿيڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو. سينيٽ چيئرمين ايران جي حڪومت کي گوادر ۽ مڪران ڊويزن جي بجلي بحال ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته بجلي جي بندش سان علائقي جي عوام کي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ بحالي سان عوام کي رليف مليو آه??، سينيٽر ڪهده بابر به ان سلسلي ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ايران جي سفير جي تعاون جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي ذاتي ڪوششن سان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي، سينيٽ چيئرمين جي متوقع ايران جي دوري جي حوالي سان سفير سينيٽ چيئرمين کي دوري جي رخن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايران دوست ملڪ آه?? ۽ ايران جو دورو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.