اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان امن لاءِ ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ڪالعدم ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپ امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، ??ڪو??ت کين بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه هن ٽي آر ٽي ورلڊ کي هڪ انٽرويو ۾ چئي،
اهو تفصيلي انٽرويو اڄ ڇنڇر تي ج??ري ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان امن لاءِ ڳالهين تي يقين رکون ٿا، ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي جا ڪجهه گروپن سان رابطي ۾ آهيون، ڪجهه گروپ امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا، ??ڪو??ت انهن کي بي هٿيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري سگهي ٿي. ٻئي پاي وزيراعظم جي سياسي معاملن و??ري خاص مددگ??ر ڊاڪٽر شهباز گل ??ار??ن ج??ري ٽوئيٽ موجب وزيراعظم جو ٽي آر ٽي ورلڊ کي خصوصي انٽرويو اڄ ڇنڇر ڏينهن صبح تقريبن 11 وڳي نشر ڪيو ويندو.