اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي علائقن ۾ بدامني جي ڪري معاشي سرگرميون تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن، اسان اتي معمول جون معاشي سرگرميون بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ ام?? سان وچ ايشيا تائين نوان رستا کلندا جنه?? سان خطي ۾ ترقي جو نئون دور ايندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي ضلعن (ا??وڻ?? فاٽا) جي ترقي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪئي. اجلاس ۾ ا??وڻ?? فاٽا سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي بحالي ۽ اتي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل لاءِ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ اسپيڪر ميڊيا جي نمائند?? سان ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي ترقي جو معا??لو ڪنهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جو معا??لو نه آهي اسان سڀني کي گڏجي ان جو حل ڪڍڻو آهي،
هن چيو ته ماضي ۾ فاٽا ۾ بدامني جي ڪري اتان جي معيشت بري طرح متاثر ٿي، اسان کي ان معيشت کي بحال ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ اسان کي افغانستان جي صورتحال کي به ڏسڻو آهي، ان لاءِ انهن مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ضروري آ??ي، ان سلسلي ۾ حڪومت، مخالف ڌر ۽ پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، اسپيڪر چيو ته اسان کي ان علائقي کي گڏجي ترقي ڏيڻي آ??ي ?? گڏيل طور تي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ نئين حڪومت قائم ٿي آ??ي اسان خطي ۾ استحڪام چاهيون ٿا.
افغانستان ۾ امن کانپوءِ وچ ايشيا تائين رستا کلندا جنه?? سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو نئون دور ايندو. اسپيڪر چيو ته فاٽا جي حوالي سان اسان 45 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون مڪمل ڪنداسين، اهو ئي سبب آهي ته اسان 3 گروپ جوڙيا آهن ۽ جلد ئي ان حوالي سان وڏي ڪنوينشن جو انعقاد به ڪنداسين، هاڻي جيڪڏهن اسان اهو مسئلو نه ڪيو ته مستقبل ۾ ان جا سٺا اثر نه پوندا.