اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايندڙ سال پاڪستان جي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 نيشنل ايوارڊز ڏنا ويندا، فلم، ميوزڪ ۽ ٽي وي نيشنل ايوارڊز جي ??ريعي اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ڏني ويندي، نيشنل ايوارڊز جي ??ريعي فلم، ڊرامي ۽ موسيقي کي فروغ ڏنو ويندو، تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي ??شتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي ??نعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن، ظهيرالدين بابر تي ازبڪستان سان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ايران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آهيون، ملٽي ملين ڊالرز جون اهي فلمون عالمي معيار جون هونديون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي ??والي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ پريس اڪنفرنس ک?? خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جو بيانيو پيش ڪرڻ جي ??ريعن کي ڪمزور ڪيو ويو، فلم، ڊرامي ۽ موسيقي جا شعبا ڌيان نه ڏيڻ جو شڪار رهيا، 60ع جي ڏهاڪي ۾ اسان دنيا جا ٽئين نمبر تي وڏا فلم ميڪا هئاسين جڏهن ته سئنيما گهرن جي لحاظ کان به پاڪستان دنيا ۾ ٽئين يا چوٿين نمبر تي هو. هن چيو ته ايندڙ سال فلم، ميوزڪ ۽ ٽيليويزن ايوارڊ ذريعي ناليوارن موسيقارن، آرٽسٽن ۽ فلمن جي لاءِ 22 ايوارڊز ڏنا ويندا، اٽڪل 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ??قم انهن ايوارڊز جي ??ريعي موسيقارن، فنڪارن ۽ فلم ميڪرز کي ڏني ويندي. هن چيو ته نئين فلم پاليسي مڪمل ڪئي وئي آهي، فلم جي ??نعت ۾ مراعتون ڏنيون آهن. هن چيو ته مقامي مواد جي ??وصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا ويا آه??، اڪثر ٽيليويزن چينل غيرملڪي ڊراما درآمد ڪن ٿا، ان سان مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ڊراما بري طرح متاثر ٿين ٿا. هن چيو ته اشتهارن ۾ غيرملڪي اداڪارن کي ٽيليڪاسٽ ڪرڻ سان اسان جي پنهنجي ??داڪارن جو روزگار متاثر ٿئي ٿو. وڏيون ڪمپنيون مقامي اداڪارن ۽ ماڊلز کي نظرانداز ڪري ٻاهرئين ملڪ مان ماڊلز ۽ ايڪٽرز کي آڻين ٿيو??، اهڙن اشتهارن تي به ٽيڪس لڳايا پيا وڃن ته جيئن اهڙي قسم جي قدمن جي ??وصلا شڪني ٿي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي لاءِ اين او سي جي ??ريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي ??ندر فلمز ڊويزن ٺاهي پئي وڃي، ٻه وڏيون فلمون آخري مرحلن ۾ آهن، ظهيرالدين بابر تي ازبڪستان گڏ جڏهن ته علامه محمد اقبال تي ايران سان گڏجي فلمون تيار ڪري رهيا آهيو??، اهي ٻئي فلمون ملٽي ملين ڊالرز جون هونديو??، انهن جي پراڊڪشن ۽ ڪاسٽ انٽرنيشنل معيار جي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيپو سلطان تي فلم پرائيويٽ ڪمپني سان گڏجي ٺاهي پئي وڃي، پي ٽي وي فلمز تي نوجوان فلم ميڪرز کي موقعا ڏنا ويندا. هن چيو ته نوجوان فلم ميڪرز اڳتي اچ??، اسان سان گڏجي فلم پروڊيوس ڪ??، اسان انهن کي مارڪيٽنگ جي ??هولتن سميت هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم انڊسٽري جي ??حالي جي لاءِ اسان هر ممڪن قدم کڻنداسين، سئنيما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي ??گهن ۾ رعايت سميت ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي آهي. هڪ سئنيما اسڪرين سان 23 خاندانن کي روزگار ملي ٿو، اين سي او سي سان گڏجي ??ئنيما گهرن کي کولڻ جي لاءِ قدم کنيا، نان انڊين پنجابي فلمن جي ??جازت ڏني. هن چيو ته تفريحي چينلز کي پهريون ڀيرو حڪومت جي ??شتهارن جي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اسان تفريحي چينلز کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پاڪستان جي ??سٽوري پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ميڊيمز کي مضبوط بڻايون. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل پاڪستان جي ??در احمد شاهه چيو ته پاڪستان جي ??ثقافت ۽ علائقائي زبانن کي فروغ ڏنو ويندو، ايندڙ سال 11، 12 ۽ 13 مارچ تي 15 هين عالمي اردو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان ماڻهو شرڪت جي لاءِ ايندا. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيليويزن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي وچ ۾ نيشنل ايوارڊز جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسي??، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر احمد شاهه ۽ پي ٽي وي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عامر منظور پڻ موجود هئا.