اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اڻ?? واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان سان ??لڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم عمران خان ??اڻ?? واري وزير شوڪت ترين سان ??يليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ??زيراعظم ناڻ?? واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلومبرگ ۽ دي اڪانومسٽ جهڙين عالمي معاشي تنظيمن پاڪستان جي ڪوويڊ دوران ??وڪرين ۽ زندگين کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل ڪامياب معاشي سڌارن ۽ قدمن کي تسليم ڪيو آهي. وزيراعظم ناڻ?? واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو وچولي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي معاشي بهتري جي لاءِ قدم شروع ڪري جيڪي درآمدي مهانگائي سان سڀ کان ??ڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم ۽ ناڻ?? وارو وزير مسلسل جاري عالمي سطح تي جنسن جي قيمتن ۾ تمام گهڻي اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ واپاري خساري کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. ناڻ?? واري وزير وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته مقامي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ڊسمبر کان گهٽ ٿي رهيون آهن جيئن ته صارفين جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر ايس پي آءِ سان ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ته هو پراميد آهي ته جيئن ئي عالمي سطح تي قيمتون گهٽ ٿينديون درآمدي شين تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. وزيراعظم مجموعي طور تي ٽيڪس وصولي، درآمدات ۽ مٽاسٽا جي ن??ڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.