اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف جي جعلي ميڊيڪل رپورٽ پاڪس??ان جي قانوني نظام جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، شريف فيملي جعلي ميڊيڪل رپورٽس موڪلڻ جو سلسلو بند ڪري، نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪس??ان جي مانهن کي پئسا واپس ڪري. اها ڳالهه هن نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف جي حوالي سان هڪ دلچسپ ميڊيڪل رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ان رپورٽ ۾ واشنگٽن ۾ رهندڙ ڊاڪٽر ??ال لنڊن ۾ رهندڙ نواز شريف جي باري ۾ لکيو آهي ته هو دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري نواز شريف جي حالت اهڙي نه آهي ته هو پاڪس??ان جو سفر ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پاران آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان ميڊيڪل رپورٽون تيار ڪرائي پاڪس??ان موڪلڻ پاڪس??ان جي عدالتي نظام ۽ قانو??ن جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪس??ان جي عوام جو پئسو واپس ڪري، ان کانپوءِ هو لنڊن ۾ رهي، جعلي رپورٽون موڪلڻ سان ان جو مقصد پورو نه ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته رپورٽ ۾ صرف اها ئي کوٽ آهي ته نواز شريف کي هائيڊپارڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه آهي، ان سان ان جي اسٽريس ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته شريف فيملي جعلي رپورٽس تيار ڪرائي پاڪس??ان موڪلڻ کان پاسو ڪري، شريف فيملي قانوني رستو اختيار ڪري ۽ پاڪس??ان جي ماڻهن جو پئسو واپس ڪري. هن چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عدليه اهڙين جعلي رپورٽس جو سختي سان نوٽيس وٺندي ۽ وقار بحال ڪندي.