اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي نيول هيڊڪوارٽر اسلام آب??د جو دورو ڪيو ۽ پاڪ بحر??ه جي سربراهه ايڊمرل مح??د امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. پاڪ بحر??ه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پاڪ بحر??ه جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ترجمان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير پاڪ بحر??ه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ ميري ٽائيم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي وزير ملڪي معيشت ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ بحر??ه جي ڪردار کي ساراهيو. هن سامونڊي ??فا??تڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ت?? پاڪ بحريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ ت?? پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ بحريه سدائين پنهنجي ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو تحفظ جاري رکندي.