اسلام آباد – 15 – مارچ (اي ??ي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي اجلاس ۾ مداخلت نه ٿيڻ ڏينداسين، لانگ ??ارچ ڪندڙن کي پهرين ڪڏهن نه روڪيو نه ئي آئنده روڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي لانگ ??ارچ جي اعلان جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي ??هي آهي، اجلاس ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس لاءِ دعوت ناما موڪليا ويا آهن، اسلام آباد ۾ او آ3 سي اجلاس پاڪستان لاءِ اعزا?? آهي، مخالف ڌر جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر چئي ٿي ته اسان وٽ نمبرز پو??ا آهن، نمبرز پو??ا آهن ته اسلام آباد ۾ ڌرڻن جي ڪهڙي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي وزيراعظم قوم سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي جي ذريعي وزيراعظم عمران خان قوم کي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جو مقابلو آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ميمبر پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميداري کي چڱي ريت سمجهن ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪرڻ اسان جو آئيني جمهوري حق آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي لانگ ??ارچ ڪيو، حڪومت ڪٿي نه روڪيو، لانگ ??ارچ ڪندڙن کي آئنده به نه روڪيو ويندو.