اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ آئين جي خلاف قرار ڏيندي آئين جي آرٽيڪل 5 اي جي خلاف قرار ڏيندي رد ڪئ?? وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ رولنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين ۽ قانون موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ جي خلاف آهي ان لاءِ ان رٿ کي رد ڪريان ٿو. ان کان اڳ اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين اعتراض واري نقطي تي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 95 تحت بي اعتمادي جي رٿ جمهوري حق آهي جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ ۾ رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري مقر?? ڪئ?? وئي آهي. 7 مارچ تي اسان جي سفير ??ي سرڪاري ملاقات جي لاءِ طلب ڪيو وڃي ٿو ۽ ا?? ملاقات ۾ اسان جي سفير ??ي ٻڌايو وڃي ٿو ته وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ اچڻي آ??ي. ??ن وقت تائين پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ان جي خبر نه هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آ??ي. ???? ملاقات ۾ پاڪستاني سفير ??ي ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار ان بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آ??ي. ??يڪڏهن اها رٿ ڪامياب نه ٿي ٿئي ته اڳيون قدم سخت هوندو. وزير ??يو ته ان جي فوري پوءِ بي اعتمادي جي رٿ آند?? وئي ۽ اسان جي اتحادين ۽ اسان جي 22 ايم اين ايز جا ضمير به اوچتو جاڳي وڃن ٿا. هن چيو ته ڇا 22 ڪروڙ جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ڪو ملڪ اهڙي طرح اسان جي ملڪ ۾ مداخلت ڪري، ڇا اها آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي نه آهي؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪا ڪٺ پتلي، غلام يا ڀڪاري آهي؟ جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته ان تي ڊپٽي کان رولنگ گهرجي جنهن ان تي رولنگ ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 5 هڪ تحت رياست سان وفاداري هر شهري جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بي اعتمادي جي ان رٿ جي پٺيان غيرملڪي سازش آهي، ان لاءِ هو رولنگ ڏي ٿو ته هو بي اعتمادي جي ان رٿ کي رد ڪري ٿو. ان سان گڏ ئي هن قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائي?? ملتوي ڪرڻ جو آرڊر پڙهي ٻڌايو.