اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بي جي پي اڳواڻن جي بيانن جي مذمت لاءِ ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي ۽ مذمبي قرار??اد منظور ڪئي وڃي، ڪروڙين مسلمان ناموس رسالت ﷺ تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهن ٿا. پارليامينٽ جي گڏ??ل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ بي جي پي اڳواڻن پنهنجي بيانن ۾ حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪئي، ان معا??لي کي سنجيده ورتو وڃي، هن چيو ته ايوان ۾ سومر ڏينهن ان معا??لي تي بحث لاءِ هڪ ڪلاڪ مختص ڪيو وڃي جڏهن ته سڄو ايوان ان گستاخانه بيانن جي خلاف قرار??اد منظور ڪري، وزيراعظم چيو ته عالم اسلام جي ڪروڙين مسلمان ناموس رسالت ﷺ تي پنهنجي جان ۽ مال سميت هر شيءَ قربان ڪري سگهن ٿا.